ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري

ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري

حافظ غلام محمد ڏاهري ڊاڪٽر

حافظ غلام محمد ڏاهري، ڊاڪٽر: محقق ۽ مترجم ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ولد حاجي اَلھڏنو ڏاهري 07 آڪٽوبر 1958ع تي ڳوٺ سوڀي ڏاهري، تعلقي قاضي احمد، ضلعي شھيد بينظرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان اِسلامڪ ڪلچر (1986ع)، عربي (1988ع)، جڏهن ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان فارسيءَ (1990ع) ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1995ع ۾ علامه غلام مصطفى قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ ”مخدوم اَبوالحسن ڏاهريءَ جي ڪتاب سِراج المصلي فارسي جو سنڌي ترجمو ۽ مخدوم اَبوالحسن ڏاهريءَ جي حياتي ۽ سندس علمي خدمتن جو جائزو“ جي عنوان سان Ph.D ڪئي ۽ سال 1998ع ۾ ڊاڪٽر شھيد بھشتي يونيورسٽي آف تھران، ايران مان هڪ مھيني جو جديد فارسي ڪورس ڪيو. 1983ع ۾ تعليم کاتي ۾ اُستاد مقرر ٿيو ۽ 2018ع ۾ گرلس ڪاليج، موري مان پروفيسر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. سندس تحقيقي مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: نبراس تصاريف فارسيه (سنڌيءَ ۾ ترجمو: 1996ع)، سِراج المصلي (سنڌيءَ ۾ ترجمو 2007ع) ۽ اَلوردالمحمدي مع تڪمله (سنڌيءَ ۾ ترجمو) 2022ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.10.07  عيسوي

محقق ۽ مترجم ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ولد حاجي اَلھڏنو ڏاهري 07 آڪٽوبر 1958ع تي ڳوٺ سوڀي ڏاهري، تعلقي قاضي احمد، ضلعي شھيد بينظرآباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمد قائم جي مسجد
صادق حسين قريشي
ڏنگر فقير
سندر ڀڳوانداس
ابنِ انشا
شريف الملڪ
ج ع منگهاڻي
شاهه محمد گاڏهي بلوچ
هنود
خليفو ميو فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون